جهيتو (راند)

جهيتو (راند): هن راند کي ’ٻلهاڙو‘ به چوندا آهن. هن راند ۾ ٻه ٽولا ميدان ۾ آمهون سامهون بيهندا آهن، ٻنهي ٽولين جي وچ ۾ ليڪو ڪڍيل هوندو آهي. هڪ ٽوليءَ جي رانديگرن کي ’جهل‘ ۽ ٻئي رانديگرن جي ٽوليءَ کي ’واچ‘ جا رانديگر چيو ويندو آهي. جهل جا رانديگر پنهنجي پاسي بيٺا هوندا آهن، جڏهن ته واچ جي رانديگرن مان واري واري سان هڪڙو جاچ ڪرڻ ويندو آهي، جيڪو جهل جي رانديگرن مان ڪنهن هڪ کي هٿ لڳائي واپس ليڪي تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، هٿ لڳل جهل وارو رانديگر کيس قابُو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اگر هڪ دفعو واچيندڙ رانديگر جهلجڻ کانپوءِ ڇڏائي ويو ته رنس ان جي ٿي، اگر مقرر وقت ۾ نه ڇڏائي سگهيو ته رنس جهليندڙ رانديگرن کي ملندي، رنس جو فيصلو ڪرڻ لاءِ امين مقرر ٿيل هوندو آهي. هن راند کي مختلف هنڌن تي مختلف نمونن ۾ کيڏبو آهي، پر مکيه آهن: (1) ٻلهاڙو، (2) ٽه-تري ٻلهاڙو. ٻنهي جي کيڏڻ جو طريقو به مختلف آهي. هي راند مختلف علائقن ۾ مختلف نموني کيڏي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو